اسلام آباد – 07 اپريل (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي مختلف ملڪن ۾ ڪرونا وائرس جي وبا سان ??ڏي انگ ۾ فوتگين تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته گڏيل ڪوششن سان ان ??با تي ضابطو آڻي وٺنداسين. سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي يورپي حڪومتي سربراهن، عمان جي شوريٰ ڪائونسل جي اسپيڪر ۽ چين جي عالمي ترقي جي وزير کي خط لکيا آهن جن ۾ ڪرونا وائرس سبب ٿيندڙ فوتگين تي پاڪ??تا?? جي پارليامينٽ پاران گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي ۽ پاڪ??تا?? پاران ??ر قسم جي معاونت جي آڇ ڪئي ??ئي آهي.