اسلام آباد – 17 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ڪورونا وائرس کي منهن ڏيڻ لاءِ موثر قدم کڻي رهي آهي، زراعت جي شعبي کي بجيٽ ۾ خصوصي ڌيان ڏئي ترقي ڏني ويندي، پارليامينٽ کي موثر ?? فعال رکڻ انتهائي ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قومي اسيمبلي جي اسپي??ر اسد قيصر سا?? ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران سياسي ۽ ڪورونا جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ سميت معيشت کي درپيش چئلينجز ۽ حڪومتي قدمن تي ڳالهه ٻولهه ٿي.