اسلام آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ هائوسنگ، ڪنسٽريڪشن اينڊ ڊولپمينٽ ب??بت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جو هفتيوار اجلاس منعقد ٿيو، ا??لاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات وارو وزير سينيٽر شبلي فراز، خاص مددگار ملڪ ا??ين اسلم، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عاصم سليم باجوه، سيد ذوالفقار عباس بخاري، ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، ا??ٽيٽ ب??نڪ جو گورنر، ايف بي آر چيئرمين، لاڳاپيل کاتن جا سيڪريٽريز ۽ سينئر آفيسر شريڪ هئا جڏهن ته سمورا چيف سيڪريٽري ۽ آباد جي نمائندن وڊيولنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. سنڌ صوبي ۾ جاري تعميراتي سرگرمين جي باري ۾ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته 19 تعميراتي منص??بن جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن ج?? نتيجي ۾ 38 لک چورس فوٽ زمين تي اڏاوت ٿيندي، انهن اڏاوتن جي لاڳت 13.8 ارب روپيا آهي ۽ ان ج?? نتيجي ۾ 30 ارب روپين جون معاشي سرگرميون پيدا ٿينديون، ا??لاس ۾ موجود آباد جي نمائندن عارف حبيب، عقيل ڪريم ۽ ٻين مختلف نجي تعميراتي ڪمپنين طرفان تعميراتي منصوبن، جن ۾ گهٽ آمدني وارن گهرن جي تعمير به شامل آهي، جي باري ۾ وزيراعظم کي آگاهه ڪيو، نمائندن وزيراعظم جي ذاتي دلچسپي ۽ حڪومتي قدمن کي ساراهيندي چيو ته اعليٰ سطحي ڪميٽي جي قيام ۽ وزيراعظم طرفان هفتيوار اجلاسن ۾ اڳڀرائي جي جائزي ج?? نتيجي ۾ تعميراتي منص??بن سان لاڳاپيل مرحلا نهايت خوش اسلوبي سان طئي ٿي رهيا آهن.