اسلام آباد – 18 سيپٽمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ڀارتي غير قانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي فوج طرفان جاري انساني حقن جي خلاف و??زين کي بي نقاب ڪرڻ جي ضرورت تي ز??ر ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻاهرين سيڙپڪاري جي لاءِ آسٽريا ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريا جي لاءِ نامزد سفير آفتاب احمد کوکر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پارليامين?? هائوس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.