اسلام آباد – 06 – جنوري (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آه?? ته گوادر پورٽ فري زون ايريا کي افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ واپار جي لاءِ استعمال ڪرڻ جي ??رورت آه??، گوادر بندرگاهه جهڙن قومي منصوبن جي ڪامياب پڄاڻي جي لاءِ حڪمت عملي ۽ ويزن ضروري آه??. اهڙن خيالن جو اظهار هن گوادر جي ??وري دوران ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي صدر کي گوادر ماسٽر پلان ۽ گوادر پورٽ جي ??رقياتي ڪمن بابت بريفنگ ڏني وئي. گوادر پورٽ اٿارٽي جي چيئرمين ن??ير خان ڪاشاني ۽ گوا??ر ڊيولپمينٽ اٿارٽي جي ڊائريڪٽر جنرل شاهزيب خان ڪاڪڙ گوادر پورٽ ۽ گوادر سٽي بابت ترقياتي ڪمن تي بريفنگ ڏني. صدر چيو ته ڪراچي پورٽ سان گڏوگڏ افغانستان ۽ بلوچستان جي وچ ۾ ٽرانزٽ ٽريڊ جي لاءِ گوادر پورٽ فري زون کي استعمال ۾ آڻڻ جي ??رورت آه??، گوادر پورٽ تي ٽريفڪ جي ??يزي سان رواني کي يقيني بڻايو وڃي.