اسلام آباد – 05 مارچ (اي پي پي) وزي??اع??م عمران خان چيو آهي ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ آهي، سڌارن سان ٽيڪس جي نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪيو ويندو، ٽيڪس نظام اهڙي طرح ترتيب ڏنو وڃي ته ڪاروبار آسان ۽ معيشت ترقي ڪري. وزي??اع??م آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي ٽيڪس سڌارن بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪ??و. اجلاس ۾ اقتصادي معاملن وارو وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار، ناڻي وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ، منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير اسد عمر، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وزير حماد اظهر، وزي??اع??م جو واپار وارو خصوصي صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزي??اع??م جو خصوصي مددگار ڊاڪٽر عشرت حسين، ڊاڪٽر وقار مسعود، تابش گوهر، نديم بابر، سيڙپڪاري بورڊ وارو چيئرمين ۽ ٻيا سينئر آفيسر شريڪ هئا. اجلاس کي خطاب ڪندي وزي??اع??م چيو ته ٽيڪس سڌارن جو مقصد ٽيڪس جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ نظام ۾ موجود خامين کي ختم ڪرڻ آهي.