اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چو??ري فواد حسين سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ حليم عادل شيخ تي حملي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته حليم عادل شيخ تي حملو بزدلاڻو فعل آهي، سنڌ حڪومت جي ڪرپشن کي بي نقاب ڪرڻ تي کيس انتقامي ڪاررواين جو نشانو بڻايو پيو وڃي، حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چي?? ته اڳ ۾ ان کي ڪوڙن ڪيسن ۾ گرفتار ڪيو ويو، هاڻي ان تي حملا ڪيا پيا وڃن جيڪو هڪ بزدلاڻو فعل آهي. چو??ري فواد حسين چي?? ته جمهوريت ۽ اظهار راءِ جي آزادي جو راڳ آلاپيندڙ سنڌ ۾ مخالف ڌر اڳواڻ جي آواز کي خاموش ڪرڻ چاهين ٿا. هن چي?? ته پوري سنڌ حڪومت ۽ حڪومتي مشينري پي ٽي آءِ ??ي اڳواڻ حليم عادل شيخ کي نقصان پهچائڻ چاهي ٿي. اهڙي قسم جون سموريون بزدلاڻيون ??ارروايون صوبائي حڪومت جي چو?? تي ڪيون پيون وڃن جن جو مقصد پيپلزپارٽي جي ڪرپشن تي پڙدو وجهڻ آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چي?? ته اڄ سنڌ جو انفراسٽرڪچر تباهه حال آهي جڏهن ته تعليمي ادارا چوپائي مال ج?? واڙا بڻجي چڪا آهن. حليم عادل شيخ سنڌ جي عوام جو آواز بڻجندو رهندو.