اسلام آباد – 07 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ا??لاعات ۽ نشريات واري وزارت جي نيشنل ڊيجيٽل انفارميشن پليٽ فارم ”اين ڊي آئي پي“ منصوبي تحت قومي ميڊ??ا جي ڊيجيٽلائيزيشن جو افتتاح ڪري ڇڏيو. پاڪ چائنا فرينڊشپ سينٽر ۾ ان حوالي سان هڪ پروقار تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي قومي ميڊ??ا جي ڊيجيٽلائيزيشن جي منصوبي تحت پاڪستان ٽيليويزن، ريڊيو پاڪستان، ايسوسيئيٽيڊ پريس آف پاڪستان، پيمرا، پي آئي ڊي، ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۽ ميڊيا يونيورسٽي جو افتتاح ڪيو. تقريب ۾ قومي ا??يمبلي جو اسپيڪر اسد قيصر، اطلاعت ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر چوڌري فواد حسين، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وز??ر فرخ حبي??، انساني حقن واري وفاقي وز??ر ڊاڪٽر شيرين مزاري، وز??راعظم جو احتساب ۽ گهرو معاملن بابت خاص معاون شهزاد اڪبر ۽ سينيٽ جي ا??لاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد کانسواءِ اعليٰ عملدار پڻ شريڪ هئا.