ا??لا?? آباد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته وفاقي گادي واري ??هر ا??لا?? آباد ۾ قبضن جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي، وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي ??حفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي. هن اها هدايت وفاقي گادي واري ??هر سان لاڳاپيل معاملن تي اجلاس جي ??دارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سي ڊي اي معاملن بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد، ايم اين اي راجا خرم نواز ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. ا??لا?? آباد ۾ قبضن ۽ ان جي ??لاف جاري ڪارروائي تي بريفنگ ڏيندي سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته قبضن جو وڏو سبب متفقه ريگوليٽري فريم ورڪ جي کوٽ آهي ڇو ته سي ڊي اي، رجسٽرار سوسائيٽين ۽ ايس اي سي پي جي وچ ۾ ورها??ل آهي، وزيراعظم سمورن قاعدن ۽ بلڊنگ بائي لاز کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ واحد ريگوليٽري باڊي جي ??هميت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته وفاقي گادي واري ??هر ۾ قبضن جي ??ڪايت جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي ۽ ان حوالي سان اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم جي ??ريعي ا??لا?? آباد جي ماحول جي ??فاظت تي زور ڏنو. هن هدايت ڪئي ته وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي ??حفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏيڻ تي غور ڪيو وڃي.