اسلام آباد – 30 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته پاڪستان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي، اميد آهي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪيءَ ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون پڻ حمايت ڪنديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن پرڏيهي نشرياتي اداري کي انٽرويو ڏيندي ڪيو. هن ??يو ته پاڪستان ڊگهي عرصي کان افغانين سان گڏ ڪم ڪيو آهي، جڏهن افغانستان مان روس نڪتو ته تمام گهڻا مسئ??ا پـٺتي رهجي ويا، هاڻي آمريڪا ۽ نيٽو فوج افغانستان مان تيزي سان انخلا ڪيو آهي، هاڻي پاڪستان ان معاملي تي گهري نظر رکي آهي، پاڪستان افغانستان جي حوالي سان ذميواراڻو ڪردار ادا ڪيو آهي. اطلاعات ??ار?? وفاقي وزير چيو ته پاڪستان سالن کان 35 لک افغان پناهگيرن جي ميزباني ڪري رهيو آهي، اسان جي معيشت وڌيڪ بار نه ٿي کڻي سگهي، ماضي ۾ افغانستان کي اڪيلو ڇڏيو ويو، دنيا ماضي جي غلطي کي ٻيهر ورجائي رهي آهي. هن ??يو ته افغانستان جي ڏکي صورتحال جي ڪري ٺوس ۽ مخلوط حڪومت ضروري آهي، افغان مسئلي جي حل لاءِ عالمي برادري جون ڪوششون ضروري آهن. چوڌري فواد حسين چيو ته موجوده صورتحال جي ڏس ۾ افغانستان کي شدت پسند تنظيمن جو مرڪز بڻجڻ نه گهرجي، پاڪستان مستحڪم افغانستان جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان خطي ۽ عالمي طاقتن سان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيو??، افغانستان ۾ بدامني نه رڳو پاڪستان پر دنيا جي لاءِ نقصانڪار آهي. هن ??يو ته هن وقت پناهگيرن جو ڪو بحران نه آهي، اسان جي سرحدن تي معمول موجب ڪم جاري آهي، اسان ڪابل مان پرڏيهين ۽ غيرملڪي ادارن ۾ ڪم ڪندڙن کي ڪڍيو آهي، پي آءِ اي جي ذريعي 4500 ماڻهن ??ي ڪابل مان ڪڍيو ويو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته پناهگيرن جي لاءِ سرحد تي انتظام ڪيا آه??، افغان پناهگيرن جي حوالي سان ٺوس حڪمت عملي جوڙي آهي، ماضي وانگر صورتحال پيدا نه ٿيندي، دنيا ان چئلينج کي منهن ??يڻ جي لاءِ پاڪستان جي مدد جي لاءِ اڳتي اچي. هن ??يو ته افغانستان بابت وزيراعظم عمران خان جي مشوري کي نظرانداز ڪيو ويو، اشرف غني افغانستان ۾ عام چونڊون نه ڪرايون، ٺوس حڪومت نه جوڙي وئي، اهي ٻه قدم نه کڻن سان وڏا مسئ??ا پيدا ٿيا. هن ??يو ته پاڪستان ڪوشش ڪري رهيو آهي ته افغانستان ۾ ٺوس حڪومت جي حمايت ڪئي وڃي، روس، چين، پاڪستان ۽ افغانستان تي ٻڌل ٽرائيڪا پلس اهم آهي، ان حوالي سان نار ملڪن ۽ ايران جو پڻ اهم ڪردار آهي. هن ??يو ته پاڪستان ۽ ترڪي ان معاملي تي گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن، پاڪستان ۽ ترڪي افغانستان ۾ امن جا خواهشمند آه??، افغانستان ۾ حڪومت افغانين کي جوڙڻي آهي، ان حوالي سان خطي جي ۽ عالمي طاقتن تي وڏي ذمي??ار?? لاڳو ٿئي ٿي. هن اميد ظاهر ڪئي ته پاڪستان جي قيادت ۾ ترڪي ۽ علائقائي طاقتن جي ڪوششن سان ٺهندڙ حڪومت جي عالمي طاقتون به حمايت ڪنديون.