دوشنبي – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته خطي جا سمورا اڳواڻ ان ڳالهه تي متفق آهن ته ا??غا??ستان ۾ استحڪام لاءِ ا??غا??ستان کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، ا??غا??ستان جي صورتحال ۾ پاڪستان اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. وزيراعظم جي تا??ڪستان جي دوري ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربرا??ه اجلاس جي حوالي سان ڳالهائيندي هن چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جي سربرا??ه اجلاس جي موقعي تي اسان جي بيلاروس، ازبڪستان، ايرا?? ۽ ??زاخستان جي صدرن سان اهم ملاقاتون ٿيون، وزيراعظم عمران خان ملڪي سربراهن جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي ۾ به شرڪت ڪري رهيو آهي، هن چيو ته وڌيڪ ڌيان ا??غا??ستان تي رهيو آهي، دلچسپ موقف ٻڌڻ لاءِ مليو آهي. چوڌري فواد حسين چيو ته اسان کي ا??غا??ستان سان گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، ا??غا??ستان ۾ جامع حڪومت لاءِ اسان کي اڳتي وڌڻو پوندو. هن چيو ته ان ڳالهه تي سمورين ڌرين ۾ اتفاق آهي ته ا??غا??ستان جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي. هن چيو ته ا??غا??ستان چوواٽي تي بيٺل آهي، اسان خطي جي اڳواڻن کي باور ڪرايو آهي ته ا??غا??ستان يا ته استحڪام طرف ويندو ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته پوءِ پوري خطي لاءِ خطرناڪ هوندو، ان صورتحال جو سموري ليڊرشپ کي ادراڪ آهي. چوڌري فواد حسين ٻڌايو ته ترڪمانستان، ازبڪستان، قزاخستان ، ايرا?? ۽ ??اڪستان جا سربراهه هتي موجود آهن، سڀاني چين جو پرڏيهي وزير به هتي اچي رهيو آهي، اسان هڪ حل طرف اڳتي وڌي رهيا آهيون، ا??غا??ستان جي استحڪام لاءِ سمورن پاڙيسرين گڏجي پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ڪري رکيو آهي.