اسلام آباد/ نيويارڪ – 22 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغ??نس??ان کي ??نس??ني بحران مان ڪڍڻ ۾ مد ملندي، ذميدارڻي طرز عمل طالبان جي پنهنجي مفاد ۾ آهي، هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هن اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير نيويارڪ ۾ جاري گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 76 هين اجلاس جي موقعي تي فارن پريس ايسوسيئيشن سان ورچوئل ملاقات ڪري رهيو هو. هن چيو ته افغ??نس??ان جي صورتحال بدلجي رهي آهي، عالمي برادري کي طالبان مان ڪجهه اميدون آهن جڏهن ته ڪجهه ڌُرين جو خيال آهي ته طالبان جي موجوده قيادت اجتماعيت جي حامل نه آهي، پر منهنجي ڄاڻ موجب هاڻي افغ??نس??ان ۾ طالبان قيادت، وسعت پذير ٿي رهي آهي ان ۾ افغ??نس??ان جي ٻين قوميتن کي به شامل ڪيو پيو وڃي، هن چيو ته آمريڪي قيادت موجب افغ??نس??ان ۾ انهن جو مشن مڪمل ٿي چڪو آهي?? هدف حاصل ڪرڻ کانپوءِ افغ??نس??ان مان غير ملڪي فوج جو نڪرڻ درست فيصلو هو. شاهه محمود قريشي جو چوڻ هو ته هندستان پاڪستان ۾ عدم استحڪام چاهي ٿو، هندستان اسان جي خلاف افغان سرزمين کي استعمال ڪيو. جن??ن جي ناقابل ترديد ثبوت اسا?? دنيا جي سامهون رکيا. ??نس??ني حقن جي پاسداري کي امتيازي نه ٿيڻ گهرجي. اسان خطي ۾ امن ۽ استحڪام جا خواهشمند آهيون، ڀارت اسان جي امن خواهش ۾، ڪشمير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفا قدم کڻي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير ۽ پيچيده بڻايو. پرڏيهي وزير چيو ته افغانين جي منجمند اثاثن کي کولڻ سان افغ??نس??ن کي ??نس??ني بحران مان ڪڍڻ ۾ مدد ملندي، عالمي برادري کي ان نازڪ تا??يخي موڙ تي افغانين کي اڪيلو نه ڇڏڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ڪابل مان مختلف ملڪن جي سفارتي عملي ۽ شهرين جي محفوظ طريقي سان نڪرڻ ۾ ڀرپور مدد ڪئي پر بدقسمتي سان پاڪستان جي مثبت ڪوششن جو قدر نه ڪيو ويو.