اسلام آباد – 08 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي مار??يٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا وڃن. اها هدايت هن پنهنجي صدارت ۾ ملڪ ۾ گڊ گورننس بابت اجلاس ۾ ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پار??ن جاري بيان موجب وزيراعظم چيو ته عالمي منڊي ۾ مهانگائي جي تازي رجح??ن جي ڪري پاڪستان ۾ هن وقت مهانگائي جا اثر پئجي رهيا آهن، اسان گڊ گورننس ۽ بهتر پرائس ڪنٽرول مڪينزم جي ذريع?? ضرورت جي شين جي قيمتن جي موثر نگراني کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ سخت محنت ڪري رهيا آهيون، ان مقصد جي لاءِ سپلائي چين تي مناسب ڪنٽرول، قيمتن جو موثر نفاذ ۽ ذخيره اندوزي تي سخت چيڪ کي وڌيڪ موثر بڻايو پيو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل عم??دارن کي هدايت ڪئي ته اهي ضلعي ۽ تعلقي سطح تي مار??يٽ ڪميٽين کي وڌيڪ موثر بڻائي عام ماڻهو کي وڌ کان وڌ ريليف ڏيڻ جي لاءِ سمورا ضروري قدم کڻن. ان کان اڳ وزيراعظم عمران خان کي ٻڌايو ويو ته پي ٽي آءِ جي گڊ گورننس ٽيم پاران راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ ڪاميابي سان پائليٽ پراجيڪٽ شروع ڪيو ويو جنهن جي نتيجي ۾ حڪومت جي جاري ڪيل اگهن تي عم??درآمد يقيني بڻائڻ جي ذريع?? ضرورت جي شين جي قيمتن ۾ خاطرخواهه گهٽتائي آئي ??هي. وزيراعظم کي اهو به ٻڌايو ويو ته ضلعي ۽ تعلقي جي سطح تي قيمتن جي نگراني جي مضبوط مڪينزم جي نئين سر جوڙجڪ جي لاءِ غيرموثر مار??يٽ ڪميٽين بابت حاصل ڪيل منع نامن کي جلد ک??ن جلد ختم ڪرڻ ج?? ضرورت ??هي. اجلاس ۾ ناڻي وارو صلاحڪار شوڪت فياض ترين، سينيٽر سيف الله نيازي ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پڻ موجود هئا.